عبدالقدير ڪاڃون

عبدالقدير ڪاڃون

عبدالقدير ڪاڃون

عبدالقدير ڪاڃون: نامور ڪهاڻيڪار، اديب ۽ سماج سڌارڪ عبدالقديـر ڪـاڃـون ولـد حـافـظ محمد اسماعيل، پهريـن جـنـوري 1959ع تي ڳوٺ باهو ڪاڃون، تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ جـنـم ورتو. سندس والد عالم، اديب ۽ استاد هو. هن شروعاتي پرائمري تعليم چئن درجن تائين پنهنجـي ڳوٺ باهو ڪاڃون مان حاصـل ڪئي ۽ پنجـون درجـو پـرائـمـري اسڪـول ڏهـرڪـيءَ مـان 1971ع ۾ پـاس ڪيو. جڏهن ته 1975ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏهرڪيءَ مان پاس ڪيائين، جنهن بعد ٻن سالن تائين اينگرو فرٽيلائزر ۽ ٻين ڪمپنين ۾ مزدوري ڪيائين. پي.ٽي.سي جو امتحان 1979ع ۾ ڏنائين، ان دوران خرچ جي پورائي لاءِ شهر ۽ بسن ۾ بسڪيٽ ۽ ٻيون کائڻ جون شيون پڻ کپائيندو رهيو. 1979ع جي آخر ڌاري پرائمري ماستر مقرر ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي مطالعي جو شوق هوندو هو، سندس والد ادب سان وابسته هو، جنهن وٽ ڪتابن ۽ رسالن جو ذخيرو هوندو هو. کيس گهر ۾ ڪتابن جي سهولت ملڻ ڪري سندس ادب ڏانهن لاڙو ٿيو. مختلف سماجي موضوعن تي ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيائين. سندس پهرين ڪهاڻي ‘پڪو عزم’ هئي، جيڪا هن مئٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران لکي، جيڪا مخلتف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپي، جنهن سبب کيس گهڻو اتساهه مليو. ان کانپوءِ ڪهاڻين سان گڏ معاشري ۾ ٿيندڙ زيادتين، تعليم جي تباهي، عورتن تي ٿيندڙ تشدد، وڏيرڪي نظام ۽ منشيات جي آزار خلاف ڪيترائي مضمون لکيائين، جيڪي مختلف اخبارن ۾ ڇپيا. سندس ڪهاڻيون توڙي مضمون اصلاحي ۽ معاشري جي عڪاسي ڪندڙ آهن. پاڻ سماج جي سڌاري لاءِ مختلف فورمن تان آواز اٿاريندو رهيو آهي، تعليم جي ترقي لاءِ سندس جدوجهد اهميت جوڳي رهي آهي. هي مختلف ادبي تنظيمن سان پڻ لاڳاپيل آهي. سندس ٽي ڪتاب (1) ‘سچا ساٿي’، (2) ‘قوميت هڪ جائزو هڪ مطالعو’ ۽ (3) ‘جيئري پسڻ پرين جو’ ڇپجي چڪا آهن. هي هن وقت ڳوٺ باهو ڪاڃون تعلقي گهوٽڪي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.01.01  عيسوي

عبدالقديـر ڪـاڃـون ولـد حـافـظ محمد اسماعيل، پهريـن جـنـوري 1959ع تي ڳوٺ باهو ڪاڃون، تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ جـنـم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صديقي محمد علي ڊاڪٽر
قادر بخش مخلص چانڊيو
جميلا هاشمي 1
خواند مير
پدم راج شرما
علي نواز آريسر
غلام حسين مشتاق سچاروي
شيخ عبدالقادر ڪوڪباني
حيدر سنڌي ڊاڪٽر
دوارڪا پرساد روچيرام شرما
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون